شيخ صالح سوائيءَ وارو قبرستان

شيخ صالح سوائيءَ وارو قبرستان: هي گهاڙيون ڪراچيءَ کان اٿل روڊ جي ميل 68 کان ٽي ميل اوڀر رخ تي موجود آهي. هن قبرستان ۾ اوائلي يعني تيرهين صديءَ عيسويءَ جون گهاڙيون موجود آهن، جيڪي ڪلمتي بلوچن جون چيون وڃن ٿيون. هي قبرستان ۽ درگاهه ڳوٺ چون، تعلقي اٿل، ضلعي لسٻيلي ۾ آهن. درگاهه صالح سوائيءَ تي ميلو لڳندو آهي. درگاهه جي ڇاڪاڻ ته مرمت ٿيندي رهي ٿي، ان لاءِ ان جي قدامت بابت ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. نه وري ڪو ڪتبو لڳل آهي، جو بزرگ بابت يا ان جي دور بابت ڪجهه چئي سگهجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو